اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مم??ڪت?? وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ هيستائين ڪرپشن جو ڪو ڪيس سامهون ناهي آيو، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي دورن ۾ هر ڏينهن ڪرپشن جو نئون اسڪينڊل سامهون ايندو هو، (ن) ليگ ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل رپورٽ جي غلط تشريح ڪري رهي آهي، ان رپورٽ ۾ ڪنهن مالي بدعنواني جي نشاندهي ناهي ٿي. مم??ڪت?? وزير فرخ حبيب شاهد خاقان عباسي جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته شاهد خاقان عباسي جيڪڏهن ايترو سچو آهي ته شهباز شريف جي 16 ارب جي ڪرپشن بابت به ڪجهه ٻڌا??ي. (ن) ليگ ته پنهنجي دور ۾ جعلي سروي ۽ رپورٽون تيار ڪرائيندڙ پارٽي طور مشهور ه??ي. بلاول زرداري جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ مم??ڪت?? وزير فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي 13 سالن دوران لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي عوام کي ڇا ??نو آهي. اڄ بلاول ڪچيءَ آب??دي ۾ وڃي واڳون وارا ڳوڙها وهائي رهيو آهي، اڳ ۾ ڪٿي هو. سنڌ جي عوام کي رڳو ٽينڪر مافيا ۽ ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ??نو آهي.