اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومتي ميمبر ۽ اتح??دي گڏجي اڄ اهو ضمني بل منظور ڪرائيندا، مخالف ڌر کي ناڪامي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. هن چيو ته مخال ڌر چئي رهي هئي ته اسان ضمني فنانس بل منظور نه ڪرائڻ ڏينداسين، اڄ مخالف ڌر کي ڀرپور ناڪامي ٿيندي. هن چيو ته سڄي قوم اڄ واري مخالف ڌر کي روئندو ڏسندي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو ته ضمني فنانس بل سان عام ماڻهو تي ڪو به اثر نه پوندو، عام ماڻهن کي متاثر ڪندڙ شين تي ٽيڪس جي معاملي تي نظرثاني ڪئي و??ي آهي. مملڪتي و??ير چيو ته ضمني فنانس بل معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ڏيندو. فرخ حبيب چيو ته شهباز شريف تياري ڪري وٺي، هاڻي ان کي حساب ڏيڻو پوندو. شريف فيملي جا ??جهه ماڻهو فر??ر ٿيا آهن ۽ ڪجهه عدالتن ۾ تاريخن جي پويان لڪي رهيا آهن.