ميڊرڊ– 11 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محمود قريشي ميڊرڊ ۾ اسپين جي نائبين جي ڪانگريس جي صدر ميري شل بتيت سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي مستحۡم ڪرڻ جي حوالي سان مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين ٻنهي ??لڪن جي پارليامينٽ جي وچ ۾ تعاون جي فروغ لاءِ پارلياماني فرينڊشپ گروپس کي فعال بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي ??زير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته اسپين، يورپي يونين ۾ پاڪستان جو انتهائي اهم حصيدار آهي، پاڪستان اسپين سان ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، هن چيو ته هسپانوي پرڏيهي ??زير جي تازي پاڪستان جي دوري سان ٻطرفي لاڳاپن کي سگهه ملي، پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محمود قريشي پاڪستان ۽ اسپين جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسان اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ اسپين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 70 سالا جشن کي ڀرپور انداز ۾ ملهايو. ڌرين ٻنهي ??لڪن جي پارليامينٽ جي وچ ۾ تعاون جي فروغ لاءِ ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ پارلياماني فرينڊشپ گروپس کي فعال بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ڪورونا وبائي صورتحال تي ڳالهائيندي پرڏيهي ??زير چيو ته اسان محدود معاشي وسيلن جي باوجود وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي ذريعي ڪورونا وبا جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، وزيراعظم عمران خان ڪمزور معيشتن کي ڪورونا وبا جي معاشي ۽ اقتصادي اثرن کان بچائڻ لاءِ ”قرضن جي حوالي سان سهولت جي فراهمي“ جي تجويز ڏني جنهن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو. ڪورونا جهڙي عالمي وبائي چئلينج کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي عالمي سطح تي گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، شاهه محمود قريشي ??يو ته پاڪستان ويجهو پاڙيسري ملڪ هجڻ جي ناطي افغانستان ۾ عدم استحڪام جي وڏي قيمت چڪائي آهي، هن چيو ته دهشتگردي جي باعث پاڪستان کي 80 هزار قيمتي جانين جو نذرانو ۽ 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان برداشت ڪرڻو پيو. پاڪستان شروع کان ئي انهي ??وقف کي اجاگر ڪندو اچي رهيو آهي ته افغانستان مسئلي جو ڪو به فوجي حل نه آهي، هن چيو ته افغانستان کي معاشي تباهي کان بچائڻ لاءِ سنجيده ڪوششون نه ڪيو ويون ته پناهگيرن جي نئين يلغار سميت شديد خطرناڪ اثر سامهون اچي سگهن ٿا. افغانستان ۾ عدم استحڪام نه صرف خطي پر سڀني لاءِ خطري جو سب بڻجي سگهي ??و. افغانستان ۾ 40 سالن جي بدامني کانپوءِ قيام امن جو هڪ موقعو ميسر اچي رهيو آ??ي جنهن کي ضايع ڪرڻ جي غلطي نه روجائڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي ??يو ته برسلز ۾ منهنجي يورپي يونين جي پرڏيهي ??عاملن جي سربراهه جوزف بوربل سان ملاقات ٿي ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، افغانستان ۾ هنگامي انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 19 ڊسمبر 2022ع تي پاڪستان جي ميزباني ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي ??زيرن جي ڪائونسل جو 17 هون غير معمولي اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، پرڏيهي ??زير يورپي يونين سميت، عالمي برادري پاران افغان عوام جي معاشي مدد لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان افغانستان جي صورتحال جي ڏس ۾ گڏيل لائحه عمل اختيار ڪرڻ لاءِ افغانستان جي ويجهي ??اڙيسري ملڪ جو پليٽ فارم جوڙيو، پرڏيهي ??زير يورپي يونين پ??ران افغانين جي انساني مدد خاص طور تي اسپين جي پاران 20 ملين يورو جي عطئي کي ساراهيو. هسپانوي حڪومت پاران افغانستان ۾ ٻارن خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي لاءِ ڪوششن جو اشارو، انتهائي واکاڻ جوڳو آهي، نائبين جي ڪانگريس جي صدر، ميري شل بتيت افغانستان کان هسپانوي شهرين جي محفوظ واپسي ۾ پاڪستان پ??ران ڀرپور مدد جي فراهمي تي پرڏيهي ??ير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ۽ پاڪستان جي قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.