اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته مولانا فضل الرحمان کي اهو مسئلو آهي ته سندس ايزي لوڊ جو دڪان بند ٿي چڪو آهي، فضل الرحمان جو پاڪستاني پارلياماني سياست م ڪو ڪردار نه آهي، فضل الرحمان، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي رڳو ڪرپشن وڌائي سگهن ٿيون، ملڪ هلائڻ انهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مولانا فضل الرحمان جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه تي ردعمل ڏيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? ته فضل الرحمان 3 سالن کان سياسي بيروزگار آهي، پنهنجي روزگار جي لاءِ جمهوري حڪومت جي خلاف سازشن ۾ مصروف آهي. هن چي?? ته جنهن جو پنهنجو دامن ۽ ماضي داغدار هجي اهو صادق ۽ امين قرار ڏيندڙ وزيراعظم عمران خان جي خلاف ڪهڙي منهن سان ڳالهه ڪري سگهي ٿو، سڄي دنيا ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿي آهي ڪجهه شرپسند عنصر پاڪستان جي مهانگائي جي آڙ ۾ پنهنجي سياسي دڪان چمڪائي رهيا آهن. فرخ حبيب چي?? ته موجوده حڪومت ماضي جي قرضن جي قسطن ۽ قرضن تي وياج جي ادائيگي جي لاءِ مجبور ٿي قرض ورتا، مولانا فضل الرحمان جيڪڏهن چونڊ??ن کٽي وڃي ته صاف شفاف ۽ جيڪڏهن هارائي وڃي ته ڌانڌلي؟ فرخ حبيب چي?? ته مولانا فضل الرحمان کي ته صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃڻ گهرجن. مملڪتي وزير چي?? ته ان ڌانڌلي سٽيل نظام کي ختم ڪ??ڻ ج?? لاءِ وزيراعظم عمران خان سياست ۾ آيو آهي. هن چي?? ته مولانا صاحب جيڪڏهن توهان ڌانڌلي کان ڇوٽڪارو چاهيو ٿا ته اي وي ايم طرف اچو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چي?? ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي 2018ع جي چونڊن ۾ رڪارڊ ووٽ مليا، 2023ع جي اليڪشن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد ??ي ان کان ٻيڻا ووٽ کڻنداسين. فرخ حبيب چي?? ته جيڪي هر حڪومت ۾ اقتدار جا مزا وٺندا رهيا، اُهي آر يا پار وارا بري طرح خوار ٿي رهيا آهن. هن چي?? ته پي ڊي ايم جي نالي تي ذاتي مفادن جي تحفظ جي لاءِ انتشار پکيڙيندڙ اڳ ۾ به ناڪام ٿيا اڳتي به ناڪام ٿيندا. مملڪتي وزير چي?? ته سڀني کي خبر آهي ته عوام ۾ توهان جي پذيرائي ٻُڙي اهي. فرخ حبيب چي?? ته مارچ جي ڌمڪي ڏيندڙ اڳ ۾ اهو ٻڌائين ته استعيفائون ڪٿي آهن؟ اهو کوکلو مارچ آهي، جنهن ۾ عوام جي ڪا نمائندگي نه هوندي.