اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پرچيءَ چيئرمين بلاول، توهان ته ڏينهن ۾ جاڳندي حڪومت ٺاهڻ جا خواب ڏس?? رهيا آهيو، خواب ??سڻ تي ڪا پابندي نه آهي، بلاول، توهان وفاقي يا صوبائي حڪومت بابت سوچڻ ڇڏي ڏيو، ايندڙ اليڪشن ۾ سن?? جي عوام به توهان کي رد ڪري ڇڏيندي، هينئر ته زرداري جي حساب جو وقت آهي، بلاول ئي ٻڌائي ڇڏي ته سندس بابا پاڪستان جي ڦريل دولت ڪڏهن ۽ ڪيئن واپس ڪندو؟ سن?? جي عوام کي ذخيره اندوزن، ٽينڪر مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو، اربين رپين جي ڪڻڪ هڙپ ڪريو ٿا جڏهن پڪڙيا وڃن ته ذميواري چوهن تي وڌي وڃي ٿي. بلاول زرداري جي بيان تي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول ۽ زرداري پارٽي جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو، هاڻي ته جيالا به سوچڻ تي مجبور آهن ته ڪهڙي ڪرپٽ پارٽي جو حصو آهيون، بلاول صاحب، توهان کي مشورو آهي ته سن?? جي عوام جي بنيادي مسئلن تي ڌيان ڏيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان کي دنيا ڄاڻي ٿي ۽ عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿي، ماضي جي حڪمرانن جو عالمي قيادت آڏو معذرت خواهڻو رويو هوندو هو، عمران خان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه ڪري ٿو. هن چيو ته اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح عام ماڻهو جي ترقي آهي، ان جي لاءِ قدم کن?? رهيا آهيون. وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ بنا ڪنهن فرق جي پوري ملڪ ۾ تعمير ۽ ترقي جو ڄار وڇائ?? رهي آهي. هن چيو ته بلاول کان سوال آهي ته 13 سالن ۾ ڪراچي سميت پوري سن?? ۾ هڪ ميگا پراجيڪٽ جو ٻڌائي ڇڏي جيڪو مڪمل ڪيو هجي، سن?? ۾ صاف پاڻي، تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ، رستن جي تعمير سميت هر شعبي ۾ وفاق ڪم ڪندي نظر اچ?? رهي آهي.