اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) نائيجر ۾ مقرر پاڪ??تا?? جي سفير احمد علي سروهي پاڪ??تا?? سان غيرمعمولي سه??ار جي اعتراف ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائپي وارا لاڳاپا وڌائڻ ۾ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ هيومن رائيٽس آف نائيجر جي صدر پروفيسر خالد اخري کي لائيف ٽائم اچيومنٽ ايوارڊ سان نوازيو. تقريب ۾ ڪا??ينا جي ميم??رن?? چونڊيل نمائندن ۽ معزز مهمانن شرڪت ڪئي. پاڪ??تا?? جي سفير ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ انساني حقن جي ڪميشن جي صدر جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن ٻڌايو ته لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ پاڪ??تا?? سان سه??ار جو اعتراف آهي. پاڪ??تا?? ۽ نائيجر 1976ع ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا. اهو رشتو وقت سان گڏ ڪاميابي سان مضبوط ٿيو ۽ هر گذرندڙ ڏينهن ۽ سال سان گڏ سگهارو ٿيندو ويو. ٻنهي ملڪن جي قيادت انهن لاڳاپن کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ پڪوپهه ڪيو. هن ان ڳالهه کي اجاڳر ڪيو ته مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ فرينڊز آف پاڪ??تا?? جن ۾ وزير، چونڊيل نمائندا، استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر، واپاري ۽ شاگرد شامل آهن، انهن ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ هڪٻئي سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو نقطو بڻيل آهن. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڏينهن جي اهميت کي اجاڳر ڪيو ۽ انهن ماڻهن کي ڀ??پو?? خراج تحسين پيش ڪيو، جن جي اڻ ڳڻين ڪوششن ٻنهي ملڪن کي ويجهو آندو. سفير احمد علي سروهي عيدالاضحيٰ تي قرباني لاءِ رضاڪاراڻا خدمتن تي رضاڪارن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا، هن فلاحي ڪمن ۾ وڌي چڙهي ڪردار ادا ڪرڻ تي واکاڻ ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي انساني حقن جي ڪميشن جي صدر ۽ سمورن رضاڪارن پاڪ??تا?? جي حڪومت پاران خوبصورت ايوارڊز ڏيڻ تي پاڪ??تا??ي سفارتخاني جا ٿورا مڃيا. انهن ايوارڊز کي انهن جي ڪوششن جو نتيجو قرار ڏنو. هنن چيو ته هو انهن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.