اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سبي ۾ ايف سي جوانن تي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ??نه??جي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي خاطر شهادت ماڻيندڙ قوم جا محسن آهن، ملڪ دشمن عنصر ??نه??جي ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم سيڪيورٽي ??ورسزس سان گڏ بيٺل آهي، ان طرح جون بزدلاڻيون ڪارر??اي?? سان امن امان جي ڪوششن کي سبوتاز نٿو ڪري سگهجي. چوڌري فواد حسين چيو ته سيڪيورٽي ??ورسز امن امان جي بحالي ??اء?? اڻ ڳڻيون قربانيون ڏنيون آهن.