اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ طئي ڪيو ويو آهي ته هڪٻئي جي پا??ليام??ني اڳواڻن جو احترام ڪيو ويندو انهن جي تقريرن ۾ غير قانوني طريقي سان مداخلت نه ڪئي ويندي، رو??ز جو احترام نه ڪرڻ، ايوان ۾ اُلرون ڪرڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته 10 جون تي قومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ قانونسازي تي مخالف ڌر جي خدشن کي سامهون رکندي 12 رڪني ڪم??ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ مخالف ڌر جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري جي خلاف عدم اعتماد واري رٿ واپس ورتي وئي آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته گذريل ٻن ڏينهن دوران ايوان ۾ پيش آيل اڻوڻندڙ واقعن کانپوءِ حڪومت مخالف ڌر سان رابطو ڪيو جنهن کانپوءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ان ۾ مخالف ڌر پا??ان اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته قانونسازي آئيني گهرجون پوريون ڪندي قانون موجب ڪئي وئي آهي، جنهن تي ان جي جائزي لاءِ 12 رڪني ڪم??ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪو انهن اعتراضن جو جائزو وٺندي ان ڪم??ٽي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر کان 6، 6 ميمبر شامل ٿيندا ان کانسواءِ اها ڪم??ٽي قانوني طريقيڪار تي به غور ڪندي، جڏهن ته مخالف ڌر انهن بلن تي غور لاءِ ڪم??ٽي جي قيام کانپوءِ عدم اعتماد جي رٿ واپس وٺندي