اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اڄوڪي ڏينهن عورت صحافين کي به خراج تحسين پيش ڪندي چ??و آهي ته عورت صحافين پنهنجي قلم جي قوت سان صحافت جي آزادي جي روشن روايتن کي برقرار رکيو ۽ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو ??هي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ميڊيا جي ترقي ۽ عوام تائين صحيح معل??ما?? جي فراهمي ۾ مردن وانگر عورت صحافي به اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. حڪومت صحافين خاص طور تي عورتن جي تح??ظ ۽ ڀلائي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻي رهي ??هي. هن چيو ته عورتون ان شعبي ۾ آزاداڻي ۽ بهترين انداز ۾ پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيون آهن، انهن لاءِ وڌيڪ سازگار ماحول جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته زينب ??لرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري قانون ۽ زينب ??لرٽ ايپ جاري ڪرڻ ٻارن جي تح??ظ ۽ سلامتي ۽ کين ڪڌي ظلم کان بچائڻ لاءِ هڪ عملي قدم ??هي.