اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته گوادر پو??ٽ فري زون ايريا کي افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ واپار جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، گوادر بندرگاهه جهڙن قومي منصوبن جي ڪامياب پڄاڻي جي لاءِ حڪمت عملي ۽ ويزن ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صدر کي گوادر ماسٽر پلان ۽ گوادر پو??ٽ جي ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني وئي. گوادر پو??ٽ اٿارٽي جي چ??ئرمين نصير خان ڪاشاني ۽ گوادر ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل شاهزيب خان ڪاڪڙ گوادر پو??ٽ ۽ گوادر سٽي بابت ترقياتي ڪمن تي بريفنگ ڏني. صدر چيو ته ڪراچي پو??ٽ سان گڏوگڏ افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ جي لاءِ گوادر پو??ٽ فري زون کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، گوادر پو??ٽ تي ٽريفڪ جي تيزي سان رواني کي يقيني بڻايو وڃي.