اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) ??ڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به ??سي??ي برادري پنهنجو مذهبي ڪرسمس جو ڏڻ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو، پاڪستان ۾ گرجا گهرن ۽ ??سي??ي وستين ۾ ڪرسمس جي تقريبن جو آغاز ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، خو??حا??ي ۽ ترقي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيو. صدر، وزيراعظم کانسواءِ اهم شخصيتن مبارڪباد جا پيغام جاري ڪيا، پوري دنيا ۾ ان اهم ڏڻ جون ڪيتريون ئي تقريبون ڪووڊ – 19 جي وبا جي ٻ?? لهر جي ڪري ڊجيٽل طور تي من??قد ڪيون ويون، تنهن هوندي به ملڪ جي ٻين شهرن وانگر وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ??سي??ي برادري اهو ڏڻ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪيو ته جئين وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو وڃي. ??سي??ي برادري ڪووڊ -19 جي ايس او پيز کي اختيار ڪندي سرڪاري تقريبن کان وٺي ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريبن تائين مختلف سرگرمين جو انعقاد ڪيو، ??سي??ي عملي جي ميمبرن جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ ??ڄي هفتي کان ئي مختلف ادارن ۾ تقريبن جو سلسلو جاري هو جڏهن ته ايوان صدر، ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي، پاڪستان ريلويز، پرڏيهي وزارت، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن ۽ ٻين ڪيترن ئي کاتن ۾ ڪرسمس جي ڪيٽ ڪٽڻ جون خصوصي تقريبون من??قد ڪيون ويون. ??ڄي ملڪ جي گرجاگهرن ۾ خصوصي سروسز جو انعقاد ڪيو ويو ۽ ??سي??ي برادري ملڪ جي امن، ترقي ۽ خو??حا??ي سان گڏوگڏ وبا کان ڇوٽڪاري ۽ پوري انسانيت جي حفاظت جي لاءِ خصوصي دعائون گهريون.