اسلام آباد – 20 نومبر (ا?? پي پي) وز??راعظم عمران خان صوبائي گورنرن کي پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ذريعي صوبن ۾ ڪم ڪندڙ وفاقي ادارن ۾ شڪايتن جي ازالي جي نظام جو جائزو وٺڻ جي ذميداري سونپي ڇڏي، ان حوالي سان هدايتن تي منظم طريقي سان عملدرآمد لا??ِ سينئر سطح جي فوڪل پرسن کي نامزد ڪيو ويندو جيڪو پرائم منسٽر ڊليوري يونٽ/ وز??راعظم آفيس سان رابطي ۾ رهندو. وز??راعظم ??يڊ??ا آفيس موجب آڪٽوبر 2018ع کان، پاڪستان سٽيزن پورٽل (پي س?? پي) سڄي ملڪ ۾ شڪايتن جي ازالي جي لا??ِ سڀني کان قابل اعتماد ذريعي طور سامهون آيو آهي، ان پليٽ فارم عام ماڻهو کي صحيح معنيٰ ۾ بااختيار بڻائيندي پنهنجي شڪايتن جي ازالي لا??ِ آواز فراهم ڪيو آهي، آسان پهچ وقت سر ازالي ۽ شڪايتن کي منهن ڏيڻ جي عمل ۾ شفافيت سان عوامي اعتبار ۽ اعتماد حاصل ڪيو آهي، ٻن سالن ۾ 30 لک کان وڌيڪ رجسٽريشن (125،000 ماهوار) ان سسٽم تي عوام جو بي حد اعتماد ظاهر ڪ??ي ٿو