اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي ڪم ۾ تيزي سان ملڪي مع??شت ۾ بهتري ايندي ۽ ماڻهو کي روزگار جا موقعا ميسر ايندا، ??نجاب حڪومت تعميراتي ڪم جي حوالي سان مليل درخواستن کي مروج قانون موجب جلد منظور ڪري ۽ تعميراتي شعبي بابت مسئلا فوري حل ڪيا وڃن، اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ وزيراعظم جو موسمياتي تبديلي بابت خصوصي صلاحڪار ملڪ امين اسلم، سڌارن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، سياسي رابطن لاءِ وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار شهباز گل، وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽرين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر اج??اس کي آگاهه ڪيو ته بئنڪن پاران نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت گهرن جي تعمير لاءِ قرض حاصل ڪرڻ ۾ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي.