اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان ??ازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏي?? آهن. اين سي او سي پاران ??اري ڪيل انگن اکرن مو??ب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 208 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 37 ماڻهو ان وائرس سبب فو?? ٿيا جنهن مان 34 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فو?? ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 38 هزار 544 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان ??نڌ ۾ 12 هزار 430، پنجاب ۾ 15 هزار 3، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 473، اسلام آباد ۾ 5 هزار 975، بلوچستان ۾ 626 ، گلگت بلتستان ۾ 297، آزاد ڪشمير ۾ 740 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان ??حتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 25 هزار 788 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 869 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 228 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 63 هزار 380 آهي.