اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪس نظام ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن ان نظام کي م??صف??ڻو ۽ شفاف بڻائي سگهجي. هو ڪالهه سومر ڏينهن هتي ملڪ ۾ ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، واپار و??ري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي و??ري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، خاص معاونين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، ڊاڪٽر شهباز گل، سيڙپڪ??ري بورڊ جي چيئرمين، اڳوڻي ناڻي و??ري وزير حفيظ پاشا، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊي?? آفيس موجب اجلاس ۾ ٽيڪس نظام ۾ سڌارا، نظام ۾ موجود خرابين کي ختم ڪرڻ، مراعات يافته طبقن پاران ٽيڪس نظام جي غلط استعمال کي روڪڻ، ٽيڪس جي چوري ۽ ٽيڪس اهلڪارن جي بدعنوانين جي خاتمي ۽ نظام ۾ ش??اف??ت کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان مختلف تجويزون وزيراعظم کي پيش ڪيون ويون. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته م??صف??ڻو ۽ شفاف ٽيڪس نظام موثر طرز حڪومت ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان حڪومتي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ ۾ اهميت رکي ٿو. هن چيو ته ماضي ۾ حڪمران طبقي جتي پنهنجي مفادن جي لاءِ ملڪي وسيلن جو غلط استعمال ڪيو اتي ٽيڪس جي نظام ۾ وقت بوقت ان انداز ۾ تبديليون ۽ ڦيرڦار ڪئي ويندي رهي آهي جو ٽيڪس جو سڄو بار عام عوام ۽ ننڍن واپارين ۽ ڪاروب??ري برادري تي پوي ٿو جنهن سان ننڍي ۽ وچين درجي جو ڪاروبار ۽ خاص طور تي عام ماڻهو متاثر ٿيو آهي.