اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ملڪ ۾ سڄو سال ڪڻڪ ۽ اٽي جي مناسب قيمتن تي فرا??مي کي يقيني بڻائڻ جي ڏس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت کي ڪڻڪ جي درآمد جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ ۽ وڏن درآمد ڪندڙن سان جلد اجلاس منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، اي سي سي ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي آفشور پ??ڪستاني رپيو لنڪڊ بانڊز عالمي سيڙپڪارن کي جاري ڪرڻ ۽ گئس في??ڊز جي ڀرپاسي 5 ڪلوميٽر جي علائقن کي گئس جي فرا??مي جي ڏس ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلن تي عملدرآمد تحت نا??ي واري وزارت کي سوئي سدرن جي لاءِ هڪ ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعطم آفيس ۾ وزيراعظم جي نا??ي ۽ او??اڙ??ن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. ملڪ ۾ سڄو سال ڪڻڪ ۽ اٽي جي مناسب قيمتن تي فرا??مي کي يقيني بڻائڻ جي ڏس ۾ رابطا ڪميٽي قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت کي ڪڻڪ جي درآمد جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اي سي سي وزارت کي ڪڻڪ جي وڏن درآمد ڪندڙن سان جلد اجلاس منعقد ڪرائڻ ۽ درآمدي ڪڻڪ جي امڪاني قيمت ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ قيمت مستحڪم رکڻ جي لاءِ زرتلافي جي ضرورت بابت تجويزون اي سي سي کي جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي.