اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام کي گڏجي ڪرونا جو مقابلو ڪرڻو آهي، قومون مشڪلاتن ۽ مصيبتن جو بهادري سان م??ابلو ڪرڻ سان ئي وڏي ??وم بڻجن ٿيون، پاڪستاني ??وم مڙهيل جنگين، ٻوڏ ۽ دهشتگردي جو بهادري ۽ يڪجهتي سان م??ابلو ڪيو آهي، مون کي پورو يقين آهي ته پاڪستاني ??وم ايمان، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط سان يڪجهتي سان ڪرونا جي وبا جو مقابلو ڪندي ۽ ان کي شڪست ڏيندي، پاڪستاني بهادر ??وم آهي ۽ هي ??وم تمام گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي. سماجي رابط?? جي ويب سائيٽ فيس بُڪ ت?? عوام سان سڌوسنئون رابطي دوران شهري?? جي سوالن جا جواب ڏيندي صدر چيو ته ڪرونا وائرس سان متاثر ملڪن کا?? جيڪي تج??با سکيا ويا آهن، انهن م??جب ميل ميلاپ ۽ غيرضروري چرپر کي محدود ڪيو وڃي ته ان وبا کي موثر طريقي سان م??هن ڏئي سگهجي ٿو.