سيالڪوٽ – 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته 2020ع قومي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوام کي وڌ کان وڌ مالي ر??يف ڏيڻ جو سال ثابت ٿيندو، حڪومت هر رياستي اداري مان بدعنواني کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پنهنجي سڌارن واري ايجنڊا تي عملدرآمد جي لاءِ پوري طرح پرعزم آه??، وزيراعظم عمران خان قوم جي امنگن م??جب ملڪ جي ترقي جي لاءِ پرعزم آه??، ملڪ جا چونڊي?? نمائندا ان سلسلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ر??يا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.