اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف خميس ڏينهن حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواريءَ سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اسلام آباد ۾ سندس رهائشگاهه تي ويو، اسپيڪر ان موقعي تي چيو ته سڄي پاڪستاني قوم ڀارت پاران ياسين ملڪ جي سزا جي پرزور مذمت ڪري ٿي ۽ ان سزا جي خلاف سراپا احتجاج آهي، مشعال ملڪ ۽ سندس فيملي سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ پاران ياسين ملڪ جي سزا جي خلاف متفقه طور تي مذمتي قرارداد منظور ڪئي وڃي، مذمتي قرارداد ۾ ڀارتي عدالت جي فيصلي کي متعصباڻو ۽ انصاف جي گهرجن جي منافي قرار ڏنو ويو آهي، پارليامنيٽ ۽ عوام سدائين ڪ??مي??ي عوام جي خودمختياري واري حق لاءِ آواز بلند ڪيو آهي، ڀارتي عدالت جو هڪ طرفو فيصلو ياسين ملڪ ۽ ڪ??مي??ي عوام جي حريت واري جذبي کي دٻائي نٿو سگهي، راجا پرويز اشرف چيو ته ياسين ملڪ جي خلاف عدالتي فيصلي ڀارت جي نام نهاد عدالتي نظام کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ياسين ملڪ قيد جون صعوبتون برداشت ڪري حق ۽ سچ جي جهنڊي کي بلند ڪيو آهي، ڪ??مي?? جي مسئلي تي سڀئي سياسي پارٽين هڪ موقف رکن ٿيون ۽ ڪ??مي??ي عوام جي خودمختياري واري حق جي حمايت ڪريون ٿا. هن ميڊيا تي زور ڏنو ته ڪ??مي?? جي مسئلي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سو??ل ميڊيا کي ڀرپور ڪرد??ر ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ پاران ڪ??مي?? جي مسئلي کي عالمي فورمز تي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو وڃي، پاڪستاني ۽ ڪ??مي??ي عوام ۾ رت جو رشتو آهي ۽ سڄي قوم جي دل پنهنجي ڪ??مي??ي ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي، جهڙي طرح هر رات کانپوءِ صبح ٿيندو آهي، اهڙي طرح والاريل ڪ??مي?? وادي ۾ به آزادي جو سج جلد اڀرندو، مشعال ملڪ اسپيڪر راجا پرويز اشرف جو دورو ادا ڪندي چيو ته ڀارت جي نام نهاد عدالت پاران انصاف جي نظام جو گلو دٻايو ويو آهي، مودي حڪومت گانڌي جي سيڪيولر ڀارت جي نظريي کي دفن ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڀارت ۾ ڪا به اقليت محفوظ نه آهي، نيسلن منڊيلا جي فيملي کي ان سان ملڻ جي اجازت ??ئي پر مون کي ۽ منهنجي ڌيءَ کي اهو حق حاصل نه آهي، هن چيو ته آئون اميد ڪريان ٿي ته پاڪستان جي پارليامينٽ ياسين ملڪ جي سزا خلاف يڪجهتي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائيندي، منهنجي ۽ منهنجي ڌيءَ جي خلاف به ڀارت ۾ ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن.