اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) اڳوڻي وز??راعظم سينيٽر يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته عمران خان پنهنج?? شڪست تسليم ڪري، آ??ري بال تائين وڙهڻ جي دعويٰ ڪندي وڪيٽون کڻي ڀڄي ويو آهي. سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته اڄ مخالف ڌر اڳواڻ گرفتارين جي ڳالهه ڪري ٿو، ڇا کيس مريم نواز، خورشيد شاهه ۽ حمزه شهباز کي جهڙي طرح گرفتار ڪيو ويو اهو ياد نه آهي. ملتان ۾ پي ڊي ايم اي جي جلسي ۾ جيڪي رڪاوٽون وڌيون ويون اهي سڀني کي ياد آهن، پي ٽي آءِ 120 ڏينهن ڌرڻو هنيو پر ڪنهن رڪاوٽون نه وڌيون، پي ٽي آءِ ڊڪٽيٽ نٿي ??ري سگهي ته چونڊُون ڪڏهن ڪرايون وڃن، هن چيو ته اڳوڻي وز??راعظم جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ قانون ۽ آئين موجب منظور ٿي، جيڪي اتحادي ڇڏي ويا انهن کي غدار قرار ڏئي رهيو آهي، عمران خان پنهنج?? شڪست تسليم ڪري وٺي?? اڄ ڊيوڊلو کان به هو استعيفا گهري رهيو آهي، سڀاڻي جوبائيڊن کان به استعيفا گهري سگهي ٿو.