اسلام آباد – 20 – اپريل (ا?? پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته کيس هر لمحي معاشي بدحالي کان متاثر سفيد پوش طبقي جي مشڪلاتن جو احساس ستائي ٿو، رمضان ۾ عام ماڻهو جي مشڪلاتن کي ڪجهه گهٽ ڪر?? جي لاءِ اٽي ۽ کنڊ جي قيمت ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مون کي هر لمحي اهو احساس ستائيندو رهي ٿ?? ته معاشي بدحالي جي موجوده حالتن ۾ سفيد پوش طبقي جون مشڪلاتون گهٽ ڪر?? جي لاءِ اسان ڇا ٿا ڪري سگهون. هن چي?? ته بدقسمتي سان اسان کي قومي خزانو جنهن حالت ۾ م??يو آهي اهو منهنجي ان خواهش کي پورو ڪر?? جي قابل نه آهي پر پوءِ به رمضان مهيني دوران پنهنجي لاچار ۽ مجبُور مُلڪ واسين جي مشڪلاتن کي ڪجهه گهٽ ڪر?? جي لاءِ مُون پنجاب ۾ 10 ڪلو اٽي جي قيمت 550 رپين مان گهٽ ڪري 400 رپيا ۽ رمضان بازار / يوٽيلٽي اسٽورز ۾ کنڊ 75 رپين مان گهٽ ڪري 70 رپيا في ڪلو ڪر?? جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم چي?? ته آئون توهان کي يقين ڏياريان ٿ?? ته ملڪ جي معاشي حالتن کي بهتر ڪر?? جي لاءِ اسان ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن پنهنجي عوام کي وڌ کان وڌ خدمت ڪري سگهون.