اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي چيو آهي ته هو 27 مارچ تي اهو پيغام ڏيڻ نڪري ته هو برائي سان گڏ ??ه آهي، ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن جي جرئت نه ٿي سگهي ته هو هارس ٽريڊنگ ڪري جمهوريت ۽ قوم کي نقصان پهچائي، ملڪ ۾ 30 سالن کان لُٽ مار ڪندڙ ڌاڙيلن جو ٽولو گڏجي کلي عام پارليامينٽرين جا ضمير خريد ڪري رهيو آهي. جاري ڪيل قوم جي نالي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته امربالمعروف و نهي عن المنڪر جو حڪم الله قرار ڏنو آهي، الله تعاليٰ مسلمانن کي حڪم ڏي ٿو ته توهان چڱائي جو ساٿ ڏيو ۽ برائي ۽ بدي جي خلاف اٿي بيهڻو آهي، ان سان معاشرو زنده ٿئي ٿو. هن چيو ته ملڪ ۾ ڌاڙيلن جو ٽولو جيڪو 30 سالن کان لُٽي رهيو آهي، ڪرپشن ڪري پئسو ٻاهر موڪلي رهيو آهي هاڻي انهن گڏجي پارليامينٽرين جي ضمير جون قيمتون لڳايون آهن، انهن کي کلي عام خريد ڪري ر??يا آهن، وزيراع??م چيو ته آئون اهو چا??يان ٿو ته سڄي قوم 27 مارچ تي مون سان گڏ صرف هڪ پيغام ڏيڻ لاءِ نڪري ته اسان بدي سان گڏ ??ه آهيون پر اسان بدي جي خلاف آهيون، اسان هن ملڪ جي جمهوريت ۽ قوم جي خلاف ٿيندڙ ان ڏوهه جي خلاف آهيون، وزيراع??م چيو ته اهي ماڻهو چوري جي پئسي مان عوامي نمائندن جا ضمير خريد ڪري ر??يا آهن، قوم ان جي خلاف بيٺل آهي، وزيراع??م چيو ته آئون چا??يان ٿو ته قوم 27 مارچ تي مون سان گڏ ??ڪري ۽ سڄي پاڪستان کي خبر هجڻ گهرجي ته اڳتي ڪنهن جي جرئت نه ٿيڻ گهرجي ته اهڙي طرح جي هارس ٽريڊنگ ڪري ملڪ جي جمهوريت ۽ قوم کي نقصان پهچائي.