اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين عالمي سازش جي ذريعي حڪومت جي تبديلي ۽ بي اعتمادي رٿ جهڙن عملن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ ج?? هدايت جاري ڪري ڇڏي. قانون واري وزارت جي چارج سنڀالڻ کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين ڪميشن قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪم جاري ڪيا. اها ڪميشن عالمي سازش جي جاچ ڪري پنهنجي رپورٽ جوڙيندي. قانون واري وفاقي وزير اسلام آباد، ??راچي ۽ لاهور ۾ درجنين ليگل آفيسرن کي تبديل ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. هن قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سمورن آفيسرن کي پنهنجا فرض بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيڻ ج?? هدايت پڻ ڪئي.