اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته هارس ٽريڊنگ ۽ ضمير فروشي جي راند بند ٿيڻ گهرجي، سنڌ هائوس ۾ جيڪا بدبودار راند کيڏي وئي آهي ان جو ازالو ناهي ٿيو، اتي ??چر ٽريڊنگ، گهوڙا ٽريڊنگ ۽ گڏهه ٽريڊنگ جي منڊي لڳل آهي، جهڙي طرح سان ضمير فروشي ٿي رهي آهي، ان کي روڪڻ ضروري آهي، اٽارني جنرل جو موقف آهي ته ??يم اين اي جو ووٽ پارٽي جو ووٽ آهي، ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو اسپيڪر ڪندو جڏهن ته ??احيات نااهلي بابت فيصلو سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي، هارس ٽريڊنگ روڪڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ جو اهو ڪيس انتهائي اهميت وارو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان پاڪستان ۾ هڪ نئين سياست جو بنياد رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ??وانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر به موجود هو. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم جي چونڊ يا بي اعتمادي رٿ سميت فنانس بل تي ??يم اين اي جو ووٽ پارٽي جو اجتماعي ووٽ آهي، جيڪو پارلياماني اڳواڻ جي ذريعي استعمال ٿيندو آهي، انهي نڪتي ??ي سپريم ڪورٽ ۾ اٽارني جنرل جا دليل جاري آهن، جيڪڏهن ان ووٽ تي پابندي نه هجي ها ته پوءِ آرٽيڪل 63 اي آڻڻ جو فائدو ئي ڪهڙو هو، هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل ان ڳالهه سان جڙيل آهي ته ??دليه هارس ٽريڊنگ تي ڪارروائي ڪري، هن چيو ته ??ٽارني جنرل بينظير ڀٽو ڪيس جوحوالو ڏنو، ان ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ سڄي ڳالهه وضاحت سان بيان ڪئي آهي، هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث ماڻهو پنهنجو ووٽ استعمال ڪري سگهندا يا نه ان باري ۾ فيصلو اسپيڪر ڪندو پر تاحيات نااهلي بابت فيصلو سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي. اهن چيو ته ??هو ڪيس پاڪستان جي سياست جي مستقبل جو بنياد آهي، هن چيو ته ??دالت ۾ سنڌ هائوس جي معاملي تي ??ه ڳالهه ٻولهه ٿي، پوليس سنڌ هائوس تي ??يڪو ايڪشن کنيو، عدالت ان مان مطئمن آهي ۽ ان معاملي کي ختم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ??نڌ هائوس ۾ جيڪا بدبودار راند کيڏي وئي آهي ان جو مداوا ناهي ٿيو. سنڌ هائوس ۾ جهڙي طرح سان ضمير فروشي ٿي رهي آهي ان کي روڪڻ ضروري آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪجهه ماڻهو پنهنجي ڪاوڙ تي ??ابطو نٿا رکي سگهن ۽ انهن سنڌ هائوس جي ٻاهران احتجاج ڪيو، پوليس ان تي ڪارروائي ڪئي ۽ اهو معاملو ختم ٿي ويو آهي، هن چيو ته ??ينيٽ اليڪشن ۾ يوسف رضا گيلاني لاءِ ووٽ خريد ڪرڻ جون وڊيوز آيون جيڪي اليڪشن ڪم??شن موڪليون ويون پر ان تي ڪارروائي نه ٿي، جيڪڏهن ان وقت ڪارروائي ٿئي ها ته ??ڄ ماڻهو خريد ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جو ڌنڌو بند ٿي وڃي ها ۽ اسان کي هارس ٽريڊنگ کي ٻيهر منهن نه ڏيڻو پئي ها، چوڌري فواد حسين چيو ته ??دليه فيصلي ۾ اليڪشن ڪم??شن کي چيو هو ته ووٽ جي ٽريس ايبلٽي کي يقين بڻايو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن تي ??ينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ وڪرو ڪرڻ جو الزام لڳي ٿو ته ??ن جو ووٽ ٽريس ڪري سگهجي، اليڪشن ڪم??شن سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي ??مل نه ڪيو جنهن جي ڪري اڄ اهو بحران درپيش آهي، هن چيوته هارس ٽريڊنگ روڪڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ جو اهو ڪيس انتهائي اهميت وارو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان پاڪستان ۾ هڪ نئين سياست جو بنياد رکيو ويندو، ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو اسپيڪر ڪندو جڏهن ته نااهلي جو فيصلو عدالت کي ڪرڻو اهي، هن چيو ته ??يڪڏهن ڪو پارٽي ٽڪيٽ تي ??ليڪشن وڙهي منتخب ٿي پارليامينٽ ۾ اچي ۽ ان کي پارٽي پاليسي سان اختلاف هجي ته ??هو مستعفي ٿي عوام وٽ ٻيهر وڃي، اليڪشن وڙهي ۽ عوام جي ووٽ سان چونڊجي اچي پر ائين نٿو ٿي سگهي ته ??مران خان جي نالي تي يا ڪنهن پارٽي جي منشور تي ??ليڪشن کٽي اچي ۽ پوءِ انهي جي پٺي ۾ ڇرو هڻي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ق) ۽ ايم ڪيو ايم ڪابينا جو حصو آهن، ٻه ??ه وزارتون انهن وٽ آهن، جيستائين اتحادي ڪابينا ۾ آهن ته ??اهر آهي اهي گڏ آهن، هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته ??رٽيڪل 63 اي تاحيات نااهلي بابت آهي، ان باري ۾ فيصلو سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي، سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ ان کان پهرين فيصلو ڏئي چڪي آهي ته ??يڪڏهن نااهلي جو مدو آئين ۾ لکيل ناهي ته ??هو تاحيات آهي. اهو فيصلو آرٽيڪل 63 تي ??هي، آرٽيڪل 63 اي تي نه هو، اسان تشريح لاءِ آيا آهيون ته ??رٽيڪل 63 جو فيصلو 63 اي تي ??ه لاڳو ٿيندو يا نه.