اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ??سين چيو آهي ته اسان جي سياست جو بنياد ??مهوريت آهي، عو??م جي راءِ اسان جي لاءِ مقدم آهي، اسلام آباد ۾ جل??ي جو مقصد ٽڪراءُ نه آهي، تحريڪ انصاف هڪ جمهوري پارٽي آهي، اسان شدت پسندي جي سياست ناهيون ڪندا، نه ئي ٽڪراءُ تي يقين رکون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ??سين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪيو، چوڌري فواد ??سين چيو ته چوڌري شجاعت صاحب معتبر شخصت آهي، وزيراعظم چوڌري صاحب کي سدائين عزت ڏني آهي، جمهوريت ۾ عو??م جي راءِ اصل فيصلو آهي ۽ جل??ا ان راءِ جي اظهار جو هڪ اهم ذريعو آهن، جيڪڏهن مخالف ڌر پرامن جل??و ڪرڻ چاهي ٿي ته ان جل??ي کي به ڀليڪار چئون ٿا ۽ هر طرح جي سهولت ڏينداسين.