اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته چئ??ينجز جي باوجود پاڪستان حڪومت ٻارن سان لاڳاپيل پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ پوري طرح پرعزم آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اها ڳالهه هن يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل سان ڳالهائيندي چئ?? جنهن پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير بطور ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر يونيسيف ذميواريون سنڀالڻ تي ڪيٿرين رسل کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اسان سڄي دنيا ج?? ٻارن جي ل??ءِ يونيسيف جي اهم ڪم جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. پاڪستان ٻارن جي حقن جي حوالي سان عالمي سطح تي هڪ اهم آواز طور سڃاتو وڃي ٿو. اسرندڙ ملڪ هجڻ جي ناطي پاڪستان کي ٻارن با??ت حقن جي تحفظ جي حوالي سان ڪيترائي چئ??ينجز درپيش آهن پر ان جي باوجود پاڪستان ٻارن بابت پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ پوري طرح پرعزم آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ٻارن جي حقن جي تحفظ ل??ءِ مختلف قانوني، پاليسي ۽ اداراجاتي قدم کنيا. ٻارن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ هڪ آزاد قومي ڪميشن قائم ڪيو ويو. حڪومت اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا ج?? شرح ۾ اضافي جي ل??ءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهي آهي. اسان ان ڏس ۾ يونيسيف جي تعاون تي ٿورائتا آهيون. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ ٻارن جي حفاظتي ٽيڪن جي سهولت جي فراهمي ۾ يونيسيف جي تعاون کي ساراهيو ۽ چيو ته ڪورونا وبا ج?? خلاف جنگ ۾ يونيسيف جو تعاون ساراهه جوڳو آهي. پاڪستان ڪورونا وبا کي شڪست ڏيڻ جي ل??ءِ ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن ۾ صحت سان گڏوگڏ سماجي ۽ اقتصادي رخن کي به نظر ۾ رکيو ويو. جنگين، تشدد، ڊگهن تڪرارن ۽ غيرملڪي قبضن کان متاثر علائقن ۾ ٻار وڌيڪ غيرمحفوظ آهن. جن جي ل??ءِ عالمي سطح تي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني صورتحال، ٻارن ۽ عورتن جي انساني حقن جي خلاف ورزين جو تسلسل ڳڻتي جوڳو آهي. افغانستان جي استحڪام ل??ءِ انساني ۽ معاشي بحران جو خاتمو انتهائي ضروري آهي. اسان افغان عوام کي فوري انساني معاونت جي فراهمي جي ڏس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيون ٿا. جڏهن ته انساني همدردي جون ڪوششون ان وقت تائين پائيدار ثابت نه ٿينديون جيستائين افغان بئنڪنگ چينلز کي بحال ڪرڻ ۽ افغان عوام جي ٻاهرئين ملڪ اثاثن کي غيرمنجمند ڪرڻ جي ل??ءِ فوري قدم نه ٿا کنيا وڃن.