اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جي سياسي قيادت ۽ پاڪست??ني قوم سريلنڪا جي شهري جي قتل جي سخت مذمت ڪري ٿي. پنهن??ي هڪ ٽوئ??ٽ ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اسان فوتي جي بهادر گهرڀاتين، سريلنڪا جي حڪومت ۽ عوام سان دل جي گهراين سان تعزيت جو اظهار ڪندي يقين ڏياريون ٿا ته ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هن چيو ته اهڙي قسم جي قدمن جو اسان جي م??هب ۽ ملڪ ۾ ڪو تصور نه آهي.