اٽڪ – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته اسان جو مقابلو مافياز سان آه??، ڪرپشن تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، ڪنهن به حڪومت غريبن جي لاءِ ايترو ڪم ناهي ڪيو جيترو اسان ڪري رهيا آه??ون، غريب عوام تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت 450 ارب جو خسارو پاڻ برداشت ڪري رهي آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي اٽڪ جي پي ٽي آءِ قيادت سان ڳالهائيندي ڪيو. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، صحت و??ري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، قومي اسيمبلي ميمبر ميجر (ر) طاهر صادق، پنجاب اسيمبلي ميمبرن سيد ياور بخاري، ملڪ محمد انور، ملڪ جمشيد الطاف ۽ پي ٽي آءِ اٽڪ جي پارٽي قيادت ملاقات ۾ شامل هئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته ان وقت مجموعي معاشي خسارو 20 ارب ڊالر هو جنهن جي ڪري معاشي صورتحال مشڪل هئي. جيئن ته اسان جو دارومدار درآمدات تي آه?? ان لاءِ جڏهن ٻاهر قيمتون وڌن ٿيون ته هتي به قيمتون وڌن ٿيون. هن چيو ته اس??ن محنت ڪري هڪ سال ۾ خسارو 20 ارب کان گهٽ ڪري هڪ ارب ڊالر تي کڻي آياسين. ??وء?? ڪورونا وائرس جي وبا ??وري دنيا کي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو. پوري دنيا جي معيشت خس??ري ۾ هلي وئي ۽ عالمي سطح تي بحران آيو. جڏهن ته اسان جي ڪامياب پاليسين جي ڪري وبا جو مقابلو ڪيو ۽ ان چلينج کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب رهياسين. عالمي سطح تي اسان جي ڪامياب پاليسين جي پذيرائي ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته غريب عوام تي مهانگائي جي اثرن جو پوري طرح احساس آه??. مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ غريب عوام تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هن وقت 450 ارب جو خسارو پاڻ برداشت ڪري رهي آه??. صحت ڪارڊ جي پوري پنجاب ۾ شروعات ڪري رهيا آه??ون جنهن جي ڪري غريب خاند??ن معي??ري علاج جي سهولتن مان فائدو کڻي سگهندا. احساس سبسڊي پروگرام وفاق ۽ صوبائي حڪومت گڏجي مستحق خاندانن کي اٽي، دالين ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو سبسڊي فراهم ٿيندي. ڪامياب پاڪستان پروگرام 20 لک خاندانن جي لاءِ وياج کانسواءِ قرض فراهم ڪندو. گهر تعمير ڪرڻ، ننڍو ڪاروبار شروع ڪرڻ، اسڪلز ٽريننگ پروگرام ۽ ننڍي آبادگار جي لاءِ قرض ڏنا ويندا. ڪامياب جوان پروگرام اڳ ۾ ئي سڄي ملڪ ۾ نوجوانن کي قرض فراهم ڪري رهيو آه??. هن چيو ته هر گهر ۾ وڃي احساس سروي ڪئي وئي ته جيئن ڪو مستحق پروگرام کان ٻاهر نه رهجي وڃي. ڪڏهن به ڪنهن حڪومت غريبن جي لاءِ ايترو ڪم ناهي ڪيو. هر سطح تي هاڻي انهن سمورن پروگرامز جو فائدو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ غريبن تائين پهچايو، اسان جو مقابلو مافياز سان آه??. ڪرپشن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو. هن مقامي سطح جي قيادت کي هدايت ڪئي ته اها متحرڪ ٿي غريب ۽ مستحق ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم تي ڌيان ڏي.