اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته خاتم النبيين حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي و??اد?? جي مبارڪ ترين ڏينهن تي پوري مسلم امت کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو، اسوه حسنه تي عمل ڪ??ي ئي اسان بهترين معاشرو جوڙي ??گهون ٿا.
گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان مطابق شيخ رشيد احمد جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته نبي آخر الزمان حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جو امتي هئڻ تي انتهائي فخر محسوس ڪيان ٿو. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن مذهبي، لساني، معاشرتي ۽ معاشي تعصبن کان پاڪ معاشري جو بن??اد رکيو.
گهرو وزير چيو ته اسوه حسنه تي عمل ڪ??ي ئي اسان بهترين معاشرو جوڙي ??گهون ٿا. هن چيو ته دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي اسوه حسنه تي عمل ڪ??ڻ جي توفيق ۽ همٿ عطا ڪري.