ملتان – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سمورن ادارن سان مثالي لاڳاپا آهن، حڪومت کان ٻاهر ويٺل ماڻهن جي لاءِ رڳو صبر جي دعا ڪري سگهان ٿا، حڪومت ختم ٿيڻ جي اپوزيشن جي خواهش پوري نه ٿي سگهندي، لولي لنگڙي اپوزيشن کان ??ڪومت کي ڪو خط??و نه آهي، آئيني مدو پورو ڪنداسين، اڳيون وارو وري اسان ??و آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پن??نجي چونڊ تڪ اين اي 156 ۾ مختلف جاين تي تقريبن کي خط??ب ڪندي ڪيو. شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته ڪورونا جي عالمي وبا پوري دنيا جي معيشت کي متاثر ڪيو آهي ۽ انهي جي ڪري عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون وڌڻ سان ??سان کي به پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻو پيو پر پوءِ به حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته عوام تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو وڃي. مهانگائي موجوده حڪومت جي لاءِ وڏو چئلينج آهي، مهانگائي جا سبب ان ??ا اندروني ۽ ٻاهريان ??مل ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ح??مت عملي طئي ڪئي پئي وڃي ۽ اسان ??ي اقتصادي ٽيم ان ??ي هوم ورڪ ڪري رهي آهي جنهن جا انشاءَ الله مثبت نتيجا سامهون ايندا. معاشري جي محروم طبقي کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن. جنهن جا مثبت نتيجا سامهون ايندا. هن چيو ته خطي ۾ ۽ خاص طور تي افغانستان ۾ امن جي خواهش رکون ٿا. پاڪستان هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستانجا جو خواهشمند آهي. امن جو قيام خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي آهي. خطي ۾ امن قائم ٿيڻ سان ??عمير ۽ ترقي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهندي، اسان ??طي ۾ امن جي لاءِ وڏي قرباني ڏني آهي. اسان ??ي خواهش آهي ته افغانستان ۾ معاشي صورتحال نه بگڙي. ڪجهه قوتون افغانستان ??ون حالتون خراب ڪرڻ چاهين ٿيون. اسان چاهيون ٿا ته اهي امن مخالف قوتون جيڪي افغانستان ??ي خراب صورتحال مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا انهن کي موقعو نه ملي سگهي. اسان ??المي برادري کي به اهڙين قوتن بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ??طي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پن??نجي مصالحتي ڪوششون جاري رکندو.