اسلام آباد -18 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??اه محمود قريشي چيو آهي ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه صرف پاڪستان بلڪه سڄي خطي لاءِ انتهائي اهميت جوڳو آهي. اجتماعيت جي حامل سياسي حل ذريعي افغانستا?? ۾ ??من جو قيام خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي لاءِ اڻٽر آهي. اهڙو اظهار هن ڪينيڊين پرڏيهي وزير مارڪ گارنيو سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ڳالهين دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ افعانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هن چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افعانستان نه صرف پاڪستان بلڪه خطي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن ڪينيڊين پرڏيهي وزير کي افغانستان جي صورتحال تي متفقه راءِ عمل جوڙڻ لاءِ ڪيل هاڻوڪي چار ملڪي دوري جي تفصيلن کان آگاه ڪيو. شاه محمود قريشي افغانستا?? ۾ ??جتماعيت جي حامل سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي افغانستا?? ۾ ??من جي قيام کي خطي ج?? امن ۽ استحڪام ۽ ترقي لاءِ اڻٽر قرار ڏنو. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو افغانستان جي معاشي ۽ انساني معاونت لاءِ اڳتي وڌن. هن چيو ته پاڪستان، افغانستا?? ۾ ??نساني الميي کي نظر ۾ رکندي افغانين کي هوائي زميني رست?? امدادي سامان جي فراهمي جاري رکي آهي. پرڏيهي وزير ??فغانستان ک?? امدادي سامان موڪلڻ لاءِ انساني راهداري کولڻ بابت ڪينيڊين هم منصب کي آگاه ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري کي انهن ملڪن کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي جيڪي وڏي عرصي کان لکين افغان مهاجرين جي ميزباني ڪندا پيا اچن. پرڏيهي وزير ٻه طرفن لاڳاپن جي نوعيت تي اطمينان ڪندي انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڪورونا وبا جي صورتحال م بهتري جي صورت ۾ پاڪستان ۽ ڪينيڊا و?? ۾ ??يندڙ سياسي مشاورتي اجلاسن جا منتظر آهيون. پرڏيهي وزير ڪينيڊين پرڏيهي وزير ??ان هيملٽن ڪينيڊا ۾ پاڪستاني ڪيندين شهري جي مارجڻ ۽ ان جي 63 سالن جي والد فقير ??لي جي اغوا جو معاملو اٿاريو. ڪينيڊين پرڏيهي وزير ??اه محمود قريشي کي خاطري ڪرائي ته متاثر خاندان کي انصاف جي فراهمي لاءِ ڪينيڊين حڪومت معاملي جي مڪمل جاچ ڪري رهي آهي. پرڏيهي وزير ڪينيڊين هم منصب کان مطالبو ڪيو ته وبائي صورتحال ۾ بهتري کي نظر ۾ رکندي شاگردن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ويزا ايڊوائيزري تي نظرثاني ڪئي وڃي. ڪينيڊين پرڏيهي وزير ??فغانستا?? ۾ ??من جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ ڪابل مان ڪينڊين شهرين جي نيڪالي ۾ پاڪستان طرفان فراهم ڪيل معاونت تي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستاني قيادت جو شڪريو ادا ڪيو. پرڏيهي وزير ڪينڊين هم منصب کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان افغانستان ۾ واپسي جي عمل ۾ معاونت جو سلسلو جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.