اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان رو?? ۾ ??ائم گڏيل قومن جي خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊيوڊ ايم بيسلي خميس ڏينهن ملاقات ڪ??ي. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم خوراڪ واري عالمي اداري جي ان ڪردار جي واکاڻ ڪئي جيڪو هو هنگامي حالتن ۾ عالمي ??نس??ني همدردي جي ادارن کي خوراڪ جي مدد فراهم ڪرڻ ۽ سڄي دنيا ۾ مختلف ملڪن ۾ خوراڪ ۽ غذائي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پاڻ وٽ هتي هلندڙ خوراڪ واري عالمي اداري جي مختلف منصوبن مان مستفيد ٿيندو رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان خوراڪ واري عالمي اداري سان حصيداري جي قدر ڪري ٿو. وزيراعظم ۽ خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر جي وچ ۾ ملاقات ۾ افغ??نس??ان ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم افغ??نس??ان ۾ جامع حڪومت جي جوڙجڪ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عالمي برادري کي افغ??نس??ان سان مثبت لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن جنهن جي نتيجي ۾ افغ??نس??ان ۾ ڪنهن به ??نس??ني الميي کان بچي سگهجي ٿو ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام پاران افغ??نس??ان ۾ خوراڪ جي مدد لاءِ پاڪستان جي سهولتي ڪردار تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هن افغ??نس??ان جي ع??ام کي ??نس??ني همدردي تحت مدد جاري رکڻ جي طريقن تي وزيراعظم س??ن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.