اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ افغان ٻن ڏينهن وارو ميڊيا ڪن??لي?? اڄ اربع ڏينهن کان وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ شروع ٿي رهيو آهي، ٻن ڏينهن واري ميڊيا ڪن??لي?? جو اهتمام پاڪ افغان يوٿ فورم ۽ انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽيڊيز اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزارت جي تعان سان ڪيو آهي. ميڊيا ڪن??لي?? ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي ميڊيا ۽ ميڊيا جي شعبن جا ماهر ٻنهي ملڪن جي ميڊيا جي وچ ۾ تعاون، گڏيل رابطن جي فروغ، ميڊيا جي ذريعي جامع اقتصادي راهداري جي قيام، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ذريعي خطي جي نوجوانن لاءِ پيدا ٿيندڙ موقعن، راندين ۽ ثقافتي سرگرمين جي ذريعي تعاون ۾ اضافو ۽ گڏيل اقتصادي فائدي لاءِ قدمن ۽ امڪانن تي غور ڪندا. ٻن ڏينهن وارو ميڊيا ڪن??لي?? جي افتتاحي سيشن جو خاص مهمان اطل??عا?? ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين هوندو جيڪو ان موقعي تي اهم خطاب ڪندو. جاري ڪيل شيڊول موجب ڪن??لي?? جي پهرين ڏينهن پاڪستان ۽ افغانستان جي ميڊيا جي وچ ۾ تعاون تي مباحثو ٿيندو، ان مباحثي ۾ پاڪستان کان نسيم زهره، هارون شاهه ۽ سفير منصور احمد خان جڏهن ته افغانستان کان جاويد هاشم ڪاڪڙ، شگفته صديقي ۽ رابعه سادات حصو وٺندا جڏهن ??ه ماڊريٽر جا فرض ناديه نقي انجام ڏيندي. پهرين ڏينهن جي ٻي سيشن ۾ ٻنهي ملڪن جا شرڪت ڪندڙ جامع اقتصادي راهداري جي قيام ۾ ميڊيا جي ڪردار تي ڳالهائيندا جنهن ۾ پاڪستان کان حسن خان، قومي اسيمبلي ميمبر شاندانه گلزار ۽ افغانستان کان اسد کوسا، عرفان سينان ۽ زهره صديقي شامل آهن. سينيٽ جي اطل??عا?? ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪيمٽي جو چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد گيسٽ آف آنر طور اهم خطاب ڪندو، پاڪ – افغان ٻن ڏينهن وارو ميڊيا ڪن??لي?? جي ٻي ڏينهن پهرئين سيشن ۾ تفريحي صنعت ۽ اسپورٽس جرنلزم جي ذريعي رابطن کي فروغ تي مباحثو ٿيندو جنهن ۾ پاڪستان کان جاويد شيخ، طاهر خان ۽ عثمان پيرزاده جڏهن ته افغانستان کان فريد الدين عظيم ۽ ابراهيم مهمند حصو وٺندا، اطل??عا?? ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب ان موقعي تي اهم خطاب ڪندو. ٻي سيشن ۾ مباحثي جو موضوع امن جي راهداري – سي پيڪ، ترقي ۽ نوجوان آبادي هوندو جنهن ۾ هارون رشيد ماهراڻي راءِ ڏيندو جڏهن ته قومي اسيمبلي ميمبر عندليب عباس اهم خطاب ڪندي، ٻن ڏينهن واري ميڊيا ڪن??لي?? جي پڄاڻي واري سيشن جو خاص مهمان قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري هوندو، هو ان موقعي تي اهم خط??ب به ڪندو.