اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي آمريڪا، ڪئناڊا ۽ برطانيا سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي پارليامينٽن جي سربراهن، اسپيڪرز ۽ پرزائيڊنگ آفيسرز کي مسجد اقصيٰ ۾ معصوم فلسطيني نمازين تي رمضان جهڙي مقدس مهيني ۾ تازي اسرائيلي جارحيت طرف ڌي??ن ڇڪرائڻ جي لاءِ خط لکي ڇڏيا آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب خطن ۾ انهن جو ڌيان اسرائيلي ظلمن طرف ڇڪرائيندي چيو ويو آهي ته اسرائي??ي ڪارروايون عالمي انساني حقن ۽ قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي. ڪو به مذهب عبادتگذارن تي اهڙي قسم جي بربريت جي اجازت نه ٿو ڏي. سينيٽ چيئرمين چيو ته انهن ظلمن جي سمورن ملڪن پاران واضح طور تي مذمت ڪرڻ گه??جي ۽ فلسطين مسئلي جو پرامن حل ڪڍڻ گه??جي ته جيئن فلسطيني مسلمان سک جو ساهه کڻي سگهن.