اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن چيو آهي ته وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته ??يستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي ??ير قانوني قدمن کي تبديل نٿو ڪري، ان وقت تائين ڀارت سان لاڳاپن کي معمول تي نٿو آڻي سگهجي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي فيصلن جي حوالي سان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته ??ڪومت ڀارت سان لاڳاپن ۾ بهتري آڻڻ جي خواهشمند آهي پر ائين ڪشمير جي قيمت تي ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي، هن چيو ته ڪابينا خيبرپختونخوا جي طرز تي اسلام آباد ۽ گلگت بلتستان ۾ صحت سهولت ڪارڊ فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ڪورونا ويڪسين جي قيمت 4225 روپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ??سپوٽنگ ويڪسين جي قيمت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ طئي ڪئي ويندي، هن چيو ته ڪابينا ڪنهن به دوا جي قيمت ۾ اضافو ڪرڻ کانسواءِ 43 دوائن جي قيمتن تي نظرثاني ڪئي آهي، فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم عمران خان سمورين وزارتن ۽ کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته هو سرڪاري ملازمن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن، هن چيو ته ??راڊشيٽ انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جي روشني ۾، ڪابينا ان معاملي ۾ ملوث آفيسرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فواد چوڌري چيو ته کنڊ بحران پيدا ڪرڻ ۾ ملوث مافيا جي خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته وزيراعظم اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي واکاڻ ڪئي ۽ جيڪا چونڊ طريقيڪار ۾ شفافيت آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.