اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) حڪومت جي اتحادي پارٽين ملڪ جي بهتري لاءِ وزيراعظ?? عمران خان جي ويزن جي مڪمل حمايت جو عزم ظاهر ڪندي سينيٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي حوالي سان وزيراعظم جي فيصلي جي ڀرپور حمايت کي ورجايو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ملاقات ڪئي. ملاقات ?? دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، قومي اسيمبلي ميم??ر خالد مقبول صديقي، هائوسنگ وارو وفاقي وزير طارق بشير چيما، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات ?? نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر پڻ موجود هئا. ملاقات ?? موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۽ اتحادي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. حڪومتي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن وزيراعظ?? عمران خان جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ سينيٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي حوالي سان وزيراعظم جي فيصلي جي ڀرپور حمايت کي ورجائيندي ملڪ جي بهتري لاءِ وزيراعظ?? عمران خان جي ويزن کي عملي جا??عو پارائڻ جي لاءِ مڪمل حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو.