اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي، هائوسنگ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما ۽ ايم اين اي چوڌري مونس الاهي مل??قا?? ڪئي ۽ ملڪي سيا??ي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مل??قا?? ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، دفاع وارو وفاقي وزير پرويز ختڪ ۽ تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود پڻ موجود هئا. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چوڌري شجاعت حسين جي تيمارداري جي ل??ءِ سندس رهائشگاهه اچڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا، وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين جي صحت جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر وزيراعظم کي پنجاب اسيمبلي جي نئين عمارت جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني.