اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي و??ير زرتاج گل چيو آهي ته گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي ??اب?? فريم ورڪ ڪنوينشن پاڪستان جي گرين هائوس گئسن جي اخراج ??اب?? ڊيٽا کي سائنسي لحاظ کان ڀارت جي مقابلي ۾ وڌيڪ قابل اعتبار قرار ڏنو آهي، موسمياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هئڻ جي برابر آهي، پر ان کي روڪڻ لاءِ هر م??ڪن قدم کڻي رهيا آهيون. اها ڳالهه هن قومي اسيمبلي جي موسمياتي تبديلين ??اب?? اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻڌائي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي جي ميمبر منزه حسن جي صدارت ?? ٿيو. زرتاج گل چيو ته پاڪستان پنهنجي محدود وسيلن ۽ گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلين ??اب?? فريم ورڪ ڪنوينشن جي مدد کانسواءِ آلودگي جو سبب بڻجندڙ گرين هائوس گئسن جي اخراج کي روڪڻ جا ٺوس قدم کڻي رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان 1994ع کان گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلين ??اب?? فريم ورڪ ڪنوينشن جو ميمبر آهي، جنهن اسرندڙ ملڪن کي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي آڻڻ جي سلسلي ۾ مالي مدد، ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ سگهه وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، مملڪتي و??ير چيو ته گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هئڻ جي برابر آهي، پر ان جي باوجود موسمياتي تبديلين جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ هر م??ڪن قدم کڻي رهيا آهيون.