اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آذرب??ئي??ان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف هتي ملاقات ??ئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آذرب??ئي??ان جي قيادت ۽ عوام کي والاريل ع??ائقو آزاد ڪرائڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ آزاد ڪرايل ع??ائقن جي نئين سر تعمير ۽ ترقي ۾ پاڪستان جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم بهترين ٻطرفي سياسي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ واپار ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو.