اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پ?? پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ڪرسمس جي ??رمسرت موقعي تي پاڪستان ۾ رهندڙ مسيحي برادري ۽ مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ??يمبرن کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون آهن جيڪو هر سال حضرت عيسيٰ جي ??وم پيدائش جي ??وقعي تي سڄي دنيا ?? عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي. ان موقعي تي اسپيڪر پنهنجي ??يغام ۾ چيو ته الله تعاليٰ حضرت عيسيٰ کي محبت، امن، برداشت ۽ ڀائيچاري جي تبليغ لاءِ موڪليو هو. هن چيو ته مسلمان حضرت عيسيٰ عليه السلام کي الله تعاليٰ جو پيغمبر مڃيندا آهن ۽ دل سان ان جي تعظيم ۽ احترام ڪندا آهن. هن چيو ته ڪرسمس جو ڏينهن اسان کي نئين اميدون ۽ منصوبن جي شروعات، تحقيقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ، تڪرارن جي حل ۽ ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي ??اءِ امن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو درس ڏي ٿو.