اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ اداره جاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين چيو آهي ته م??ضي جي ??ڪومتن اسٽل مل، پي آءِ اي، ريلوي، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان سميت ٻين رياستي ادارن کي ايمپلائمينٽ بيورو سمجهي سياسي ڀرتيون ڪيُون، جنهن جي ڪري ادارن جي فعاليت ۽ ڪارڪردگي بهتر نه ٿي سگهي، پهريون ڀيرو شفاف انداز سان 45 ادارن جي ??ربراهن جي مروجه قاعدن ۽ ضابطن موجب مقرريون ڪيون ويون آهن، ريلوي ۾ ريگوليٽري کي ڌار ڪرڻ سان گڏوگڏ 5 ڪمپنيون ٺاهڻ، اسٽيل مل پرائيويٽ سيڪٽر کي ليز تي فراهم ڪرڻ ۽ پي آءِ اي جي ??ڌ ملازمن کي والنٽيئر هينڊشيڪ ڏئي گهرن ڀيڙو ڪيو ويندو، ايف بي آر ۾ ٽيڪس پيئر جي معاملن ۽ ريفنڊ جي ??مل کانپوءِ انڪم ٽيڪس معاملن کي به آٽوميشن تي آڻڻ جو منصوبو آهي، پهريون ڀيرو اعليٰ اختياراتي بورڊ پاران گريڊ 21، 22 جي ??رقين جي ??مل کي چئلينج ناهي ڪيو ويو، نئو?? ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ وفاقي، صوبائي ۽ مقامي ادارن اين او سي، لائسنس ۽ سرٽيفڪيٽس جي پيچيده عمل کي آسانيون بڻايو پيو وڃي ته جئي?? ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ آسانين سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي سگهندا. هو پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ک?? خطاب ڪري رهيا هئا.