اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا ??هن. جمعي ڏينهن اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هز??ر 304 مريضن جا ٽي??ٽ مثبت آيا ۽ 37 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 32 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ 5 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 36 هز??ر 923 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 12 هز??ر 599، پنجاب ۾ 12 هز??ر 38، خيبرپختونخوا ۾ 3 هز??ر 487، اسلام آباد ۾ 7 هز??ر 187 ، بلوچستان ۾ 746 ، گلگت بلتستان ۾ 329، آزاد ڪشمير ۾ 537 ٽيسٽ شامل ??هن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعد??د 3 لک 21 هز??ر 563 ٿي چڪو آهي، بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هز??ر 859 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 195 مريض ??هن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 23 هز??ر 641 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعد??د 3 لک 52 هز??ر 296 آهي.