اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته ??ئون چونڊيل وزيراعظم آهيان ڪنهن جي همت ناهي جو هُو مون کان ??ستعيفا وٺي، نواز شريف خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي جيڪڏهن اسان مخالف ڌر جي بليڪ ميلنگ ۾ آياسين ته نسلون معاف نه ڪنديون، مشن کڻي سياست ۾ آيو آهيان، حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، مخالف ڌر وٽ ڪوبه اخلاقي جواز ناهي، مخالف ڌر مال ٺاهڻ جي لاءِ اقتدار ۾ ا??ندي آهي، اسان ??دليه ۽ نيب تي ڪو به دٻاءُ ناهي وڌو، نيب اسان ??ي وزيرن کي به گهرايو جنهن تي اعتراض ناهي، نجي ٽي وي چئنل کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته ??سان مشڪل حالتن ۾ ا??تدار سنڀاليو، معيشت ويٺل هئي، اسان ??ي خلاف پروپيگنڊا ڪئي وئي، تنقيد ڪئي وئي، صحافين مشڪل وقت ۾ ملڪي مفادن جي تحفظ لاءِ وڏو ڪردار اد?? ڪيو، وزيراعظم چيو ته ڪجهه ميڊيا هائوسز جو ڪردار سٺو رهيو ۽ ڪجهه جو سٺو نه رهيو، هن چيو ته ??رمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه مون کان پڇي سياستدانن سان گڏجاڻي ڪئي، هن چيو ته فوج منهنجي لاءِ اثاثو آهي، سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي سان قانونسازي ۾ آساني ٿيندي، وزيراعظم چيو ته ڀارت نواز شريف جي مدد ڪري رهيو آهي