ڪراچي – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچنيج خطي ۾ سڀ کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي، جيڪو ملڪ جي مجموعي معاشي واڌ جي عڪاسي ڪري ٿو، افغانستان ۾ ا??ن ۽ نئين سر تعمير جي آغاز سان پ??ڪستان جي سيڙپڪارن ۽ تعميراتي صنعت لاءِ موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??ڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي دوري جي موقعي تي ڪيو، صدر کي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪارڪردگي ۽ معاملن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي.