اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته پريس آفيسرن کي سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ لاءِ سچي دل ۽ عزم سان پنهنجون ذميداريون سرانجام ڏيڻيون پونديون، نوان چونڊيل آفيسر عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪن جيڪو ملڪي ترقي ل??ءِ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاهرين ملڪ نون مقرر ٿيندڙ پريس اتاشين کي خطاب ڪندي ??يو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عائشه فاروقي به ان موقعي تي موجود هئي. اطلاعات واري وزير چي?? ته حڪومتي قدمن ۽ ملڪي تشخص کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ ۾ اطلاعات واري وزارت جو اهم ڪردار آهي، اهو ڪردار حاضر دور جي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي ۽ جديد ميڊيا جي رجحانن کي اختيار ڪندي ادا ڪرڻو پوندو.