اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ??ي ادارن ۾ سڌارن جو مينڊيٽ مليو آهي ۽ اهو ئي اسان جي پارٽي جو منشور آهي، پاڪستان ۽ بدعنواني گڏ نه ٿا هلي سگهن، وزيراعظم عمران خان عالمي ش??رت رکندڙ شخصيت آهي، ان جي ڀيٽ ڪنهن به صورت ۾ موروثي سياستدانن سان نه ٿي ڪري سگهجي، وزيراعظم معائنه ڪميشن اي جي پي آر جي ذريعي سرڪاري خريداري ۾ ٿيندڙ خرابي کي سڌارڻ جي لاءِ سفارشون جوڙي ورتيون آهن، سرڪاري خريداري جي??ا اي جي پي آر جي ذريعي ٿئي ٿي ان تي ساليانو اربين رپيا اضافي قيمت قوم جي پئسي سان ادا ڪرڻي پوي ٿي، ان بگاڙ کي سڌارينداسين ۽ جي??و به ذميوار هوندو ان جي خلاف ??ارروائي ٿيندي، جڏهن به احتساب ۽ ادارن ۾ سڌارن جي ڳالهه ٿئي ٿي ته مخالف ڌر پنهنجي سياسي ۽ مالي مفادن جي لاءِ گڏ ٿي وڃي ٿي، ادارن ۾ خرابي پيدا ڪندڙن جو احتساب ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ وزيراعظم معائنه ڪميشن جي چيئرمين احمد يار هراج سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ??دق??متي سان انهن ادارن کي ڄاڻي واڻي مفلوج ڪيو ويو. هن چيو ته پنهنجي منشور جي پاسداري ڪندي وزيراعظم عمران خان ادارن ۾ سڌارن ۽ ري اسٽرڪچرنگ جي لاءِ قدم کنيا آهن ۽ وزيراعظم جي سموري سياسي جدوجهد انهي جي لاءِ هئي ته ادارن ۾ شفافيت هجي. هن چيو ته پي آءِ اي، نيپرا، پيمرا يا جيترا به ريگيوليٽري جا ادارا آهن انهن جو فعال هجڻ اهميت رکندڙ آهي.