اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمو?? قريشي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ سمورن صوبن جي مشاورت سان ٺوس ??ڪم?? عملي جوڙي آهي، ان حوالي سان پارليامينٽ ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين ۽ قومي معاملن تي انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي??ن، قومي رابطا ڪميٽي ۾ سمورا فيصلا مشاورت سان ڪيا وڃن ٿا، ڪورونا وبا جي ڪري والاريل ڪشمير جي صورتحال وڌيڪ خطرناڪ ٿي وئي آهي، عالمي برادري ۽ او آءِ سي کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال تي پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمو?? قريشي چيو ته هي هڪ غيرمتوقع صورتحال آهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ڪورونا وبا جو بحران سڀ کان وڏو آهي.