اسلام آباد – 04 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڪرونا وائرس بابت عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ميڊ??ا جي ذميواراڻي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ ميڊ??ا جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، اولهه ميڊ??ا جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني ميڊيا ڪرونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ آگاهي مهم ۾ انتهائي ذميواراڻي رپورٽنگ ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اڻوڻندڙ حالتن ج?? باوجود ميڊ??ا جي فرنٽ لائين تي رپورٽنگ ساراهه جوڳي آهي، ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ميڊ??ا جي ذميواراڻي ڪردار کي سدائين ياد رکيو ويندو، ميڊيا عوام کي صحيح معنيٰ ۾ وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ بابت احتياطي تدبيرن کان آگاهه ڪيو آهي، ٽاڪ شوز ذريعي عالمي ماهر ڊاڪٽرن ج?? ڪارائتن مشورن سان عوام ۾ وائرس بابت شعور اجاگر ٿيو آهي.