اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ??اش?? اعواڻ چيو آهي ته پارليامينٽ جي اندر اهم قومي سلامتي جي مسئلي تي قانون سازي جو عمل شروع ٿيو آهي اهي ملڪ جي سلامتي جو معاملو آهي جنهن تي پوري قوم متحد آهي، آئيني لحاظ کان قانون ۾ جيڪي جهول هئا اهي ختم ڪيا پيا وڃن، پاڪستان جي دشمنن کي معلوم هجڻ گهرجي ته قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان ڪ??هو??لهي ۾ ملائي بيٺل آهي، سويلين بالادستي طرف اهم اڳڀرائ?? آهي جيڪڏهن قيادت ۾ ويزن ۽ بصيرت هجي ت?? ملڪي تقدير بدلجي سگهي ٿي.