اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پارليامينٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ذميداري آهي، قومي مفاد تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ جو مفاد اسان سڀني جي ترجيح هجڻ گهرجي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ??وم جي ضرورت آهي، هن ملڪ جي سلامتي ۽ دفاع اسان سڀني جي ذميداري آهي، جنهن کي يقيني بڻائڻو آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ قانونسازي جي حوالي سان مخالف ڌر سان رابطي ۾ آهيون اميد آهي ته معاملا خير خوبي سان حل ٿي ويندا، راڻا ثناءُ الله کي بي گناهي جو سرٽيفڪيٽ ڏيندڙن جي ذهنن ۾ ??به??م آهي، نجي ٽي وي چئنل سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته راڻا ثناءُ الله جو ڪيس مڪمل طور تي واضح آهي اهو ڪريڊٽ اي اين ايف جو ڏانهن وڃي ٿو جنهن جرئت ۽ بهادري سان طا??تور مافيا تي هٿ وڌو آهي.